اسلام آبادپاڪستان

پيمرا عمران جون تقريرون ۽ پريس ڪانفرنس ڏيکارڻ تي پابندي هڻي ڇڏي

اسلام آباد :پيمرا تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي تڪراري بيانن جو نوٽيس وٺي ڇڏيو. پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) عمران خان جون تقريرون ۽ پريس ڪانفرنس ڏيکارڻ تي پابندي هڻي ڇڏي آهي. پيمرا طرفان جاري حڪمن موجب عمران خان جي رڪارڊ تقرير به نشر نه ڪري سگهبي.
نوٽيفڪيشن ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته عمران خان جي رڪارڊ ڪيل تقرير ۽ نيوز ڪانفرنس کي نشر نه ٿو ڪري سگهجي. سمورا ٽي وي چينل ان پابندي ۽ حڪمن تي عمل ڪن. پيمرا جي نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان لانگ مارچ دوران قومي ادارن تي بي بنياد الزام هنيا. عمران خان جون تقريرون ايڊيٽوريل نگراني کانسواءِ ٽاڪ شوز ۾ نشر ڪيون ويون. تڪراري ۽ الزام هڻندڙ تقريرن​سان عوام ۾ ادارن خلاف نفرت پکيڙڻ جو خدشو آهي. پيمرا موجب عمران خان جي بيانن ۽ تقريرن تي پابندي پيمرا آرڊيننس 2002 تحت لاڳو ڪئي وئي آهي.
عمران پابندي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button