اسلام آبادپاڪستان

سپريم ڪورٽ ۾ عمران خان خلاف توهين عدالت ڪيس شنوائي لاءِ مقرر

اسلام آباد :سپريم ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خلاف توهين عدالت ڪيس شنوائي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بئنچ 7 نومبر تي شنوائي ڪندي. عمران خان جي وڪيل توهين عدالت ڪيس ۾ التوا جي درخواست داخل ڪئي هئي، جنهن ۾ چيو ويو هو ته عمران خان افسوسناڪ واقعي سبب اسپتال ۾ داخل آهي. جواب جمع ڪرائڻ ممڪن ناهي، تنهن ڪري ڪيس کي في الحال شنوائي لاءِ مقرر نه ڪيو وڃي. واضح رهي ته سپريم ڪورٽ گذريل شنوائي تي عمران خان کي 5 نومبر تائين جواب جمع ڪرائڻ جي مهلت ڏني هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button