پاڪستانسنڌ

هڪ شخص ڏڦيڙ ڦهلائڻ چاهي ٿو، ادارن تي حملا برداشت نه ڪنداسين: آصف زرداري

ڪراچي: اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته آهي ته هڪ شخص ملڪ ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ چاهي ٿو پر اسان ادارن تي حملا برداشت نه ڪنداسين. پنهنجي هڪ بيان ۾ آصف علي زرداري چيو ته هڪ شخص ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ لاءِ هر حد اورانگهي رهيو آهي، هن کي نه ملڪ جي سلامتي جي ڳڻتي آهي نه ادارن جي، کيس رڳو اقتدار، اقتدار ۽ اقتدار کانسواءِ ٻيو ڪجهه نظر نٿو اچي. آصف علي زرداري وڌيڪ چيو ته ادارن جي بقا سان ئي ملڪ جي بقا آهي ۽ اسان ڪنهن به صورت ۾ ادارن تي حملا برداشت نه ڪنداسين. هن چيو ته 1947ع کان وٺي هنيئر تائين اسان ۽ ادارن گڏجي دشمن جو مقابلو ڪيو آهي ۽ هاڻي به ڪنداسين، دشمن هن دفعي اندر موجود ماڻهن ذريعي حملو ڪرايو آهي. آصف زرداري وڌيڪ چيو ته اسان پنهنجي پاڪ فوج جي قربانين ۽ شهادتن کي ڪڏهن به وساري نٿا سگهون، اسان دشمن جي ان سازش کي به ناڪام بڻائينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button