پاڪستانسنڌ

پيرونمل ۾ زمين جي تڪرار تان نوجوان گوليون هڻي قتل

سانگھڙ: پيرونمل ۾ زمين جي پراڻي تڪرار تان فائرنگ ۾ نوجوان قتل ٿي ويو. تفصيل موجب پيرونمل ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪرم خان مري ۾ غلام نبي مري ڪنگراڻي ۽ پرو مري جي ڌرين ۾ ڪجهھ سالن کان زمين جي ورهاست جي حوالي سان ڇڪتاڻ هلندڙ هئي، جنهن تان ڪجهه وقت اڳ ٻنهي ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو هو، جنهن ۾ ڪجهه ماڻهو زخمي ٿيا هئا، جيڪو ڪيس سانگهڙ ڪورٽ ۾ هلندڙ هو، جنهن جي ٺاهھ لاءِ علائقي جي معزز شخصيتن ڪوششون ورتيون، پر ٺاھه نه ٿي سگهيو. گذريل ڏينهن صبح جو غلام نبي مري جو ننڍو ڀا ضمير حسين مري پنهنجي ڳوٺ کان سانگهڙ ڏانهن ڪم سانگي موٽرسائيڪل تي وڃي رهيو ته ڳوٺ کان اڌ ڪلوميٽر جي فاصلي تي مٺڙائو ڪئنال جي بان موري وٽ ڪجهه نامعلوم هٿياربندن روڊ ٽٽل هئڻ جو فائدو وٺندي سندس مٿان پسٽل جا سڌا فائر ڪيا ۽ نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا، رهواسين لاش ڏسي وارثن کي اطلاع ڪيو، جنهن کانپوءِ مقتول جي وارثن ۽ پيرونمل پوليس سر زمين تي پهچي لاش کڻائي سول اسپتال سانگهڙ آندو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، وارث لاش ڳوٺ ڪرم خان مري کڻائي پهتا ته ڪهرام مچي ويو، جنازي نماز بعد مقتول کي ڳوٺ ڀرسان ڄام نندو لڳ خدو فقير قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ٻئي طرف پيرونمل پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مقتول جي وارثن مان ڪيس داخل ڪرائڻ لا اڃان تائين ڪوبه ناهي پهتو، ايف آئي آر ۾ جيڪي به مقتول جا وارث جوابدار ڄاڻائيندا، انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button