پاڪستان

عمران خان تي حملي جي مذمت، پاڪستان وڏي بحران کان بچي ويو:صدر عارف علوي

صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي ۽ خاتون اول بيگم ثمينا عارف علوي شوڪت خانم اسپتال جو دورو ڪري اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي عيادت ڪئي. ايوان صدر مان جاري پڌرائي مطابق صدر مملڪت ۽ خاتون اول عمران خان لا نيڪ تمنائن جو اظهار ڪندي سندس جلد صحتيابي جي دعا پڻ ڪئي. هو تقريبن 3 ڪلاڪن تائين عمران خان سان گڏ رهيا. ان موقعي تي صدر مملڪت چيو ته الله تعاليٰ جي فضل سان پاڪستان هڪ وڏي بحران کان بچي ويو آهي. صدر مملڪت ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ملڪ جي موجوده سياسي ۽ معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صدر مملڪت عمران خان تي قاتلاڻي حملي جي مذمت ڪئي ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ملوث ڌرين کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن. هن چيو ته حڪومت هر شهري جي آئيني ۽ بنيادي حقن جو تحفظ يقيني بڻائي، جنهن ۾ پرامن احتجاج جو حق جان ۽ مال جي حفاظت ۽ اظهار راءِ جي آزادي وارا حق شامل آهن. صدر وڌيڪ چيو ته سمورين لاڳاپيل ڌرين کي پنهنجي سياسي مقصدن کي اڳتي وڌائڻ گهرجي ۽ ڳالهين، مشاورت، غور ۽ فڪر سان جمهوري حدن ۾ مسئلن جو حل تلاش ڪرڻ گهرجي. صدر مملڪت هڪ ڀيرو ٻيهر ذاتي حيثيت ۾ اهم مسئلن تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ لاءِ سمورن لاڳاپيل ڌرين وچ ۾ ٽياڪڙي لاءِ پنهنجون خدمتون پيش ڪيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button