پاڪستانسنڌ

شهناز انصاري جي وارثن سان گڏ آهيون، انصاف ڏيارينداسين: عاجز ڌامراهه

نوشهروفيروز: نوشهروفيروز جي عدالت پاران مقتول پ پ ايم پي اي شنهاز انصاري ڪيس ۾ هڪ جوابدار کي عمرقيد ۽ ٻين کي بري ڪرڻ واري فيصلي ۽ ڊاڪٽر فاطما انصاري جي پ پ ليڊيز ونگ جي صدارت کان اسعيفيٰ ڏيڻ کان پو سينيٽر عاجز ڌامراهه جي اڳواڻي ۾ پ پ ضلعي صدر فيروز احمد جمالي، جنرل سيڪريٽري سهيل اختر عباسي ۽ ٻيا انصاري هائوس پهتا. جتي ڊاڪٽر فاطما جي غير موجودگي ۾ سندس پي ڊاڪٽر حميد انصاري ۽ ٻين وارثن سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي سينيٽر عاجز ڌامراهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهيد شهناز انصاري اسان جي ڀيڻ هئي ۽ ڊاڪٽر فاطمه انصاري اسان جي نياڻي آهي، عدالت فيصلي ۾ کوڙ سارا جهول آهن، اهڙي فيصلي کي اعليٰ عدالتن ۾ چئلينج ڪيو ويندو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته پارٽي جي ها ڪمان کان وٺي ورڪر تائين هن ڪيس ۾ شهناز انصاري جي وارثن سان گڏ آهي، فاطما انصاري استعيفيٰ ڏئي جذباتي فيصلو ڪيو پر هن کي ناراض ٿيڻ جو حق آهي، اسان مقتول شهناز انصاري جي وارثن کي عدالتن مان انصاف ڏيارينداسين

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button