پاڪستانسنڌ

رياض چانڊيو جي گهر تي چڙهائي خلاف جسم جو لاڙڪاڻي ۾ مظاهرو

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي ۾ جيئي سنڌ محاذ پاران مرڪزي سڏ تي پارٽي جي چيئرمين رياض چانڊيو جي گهر مٿان چڙهائي خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي مرڪزي سينيئر وائيس چيئرمين عزيز الله ڀٽو، اياز لولائي، ذوالفقار بليدي، غلام نبي مڱڻيجو، منٺار بگٽي، عمران لاشاري، ذوالفقار سپڙو ۽ ٻين چيو ته اسين چيئرمين رياض چانڊيو جي گهر مٿان چڙهائي واري عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ڇاڪاڻ اسين جي ايم سيد جي راهه تي هلندي عدم تشدد جي سياست ڪري رهيا آهيون ۽ هميشه ڌارين جي آبادڪاري، مذهبي انتهاپسندي ۽ قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاج ڪندا آهيون جيڪڏهن حڪومت اهو ڏوهه سمجهي ٿي ته اسين اهڙا ڏوهه ڪندا رهنداسين. هنن چيو ته سنڌ حڪومت برسات ۽ ٻوڏ متاثرن کي نه ريسڪيو ڪري سگهي ۽ نه ئي انهن جي لاءِ کاڌ خوراڪ جو انتظام ڪري سگهي، دنيا کان اربين روپيا مليا پر اهي ماڻهن تائين نه پهچايا ويا ۽ پنهنجي مٽ مائٽن ۽ ووٽرن جا ڀڀ ڀريندا رهيا وري هاڻي گهر سروي ڪري ويا آهن جنهن کي مهيني کان وڌيڪ ٽائيم گذريو آهي مٿان وري سردي جي موسم شروع ٿي وئي آهي ۽ هن مهل تائين ڪو به کڙتيل نڪري نه سگهيو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button