پاڪستان

مقتول معظم جي ٻارن خاطر جيڪو به ڪري سگهياسين،ڪنداسين: حماد اظهر

تحريڪ انصاف جا اڳواڻ فواد چوڌري، زلفي بخاري ۽ حماد اظهر لانگ مارچ دوران وزيرآباد ۾ فائرنگ سبب حياتي وڃائيندڙ ڪارڪن معظم گوندل جي گهر پهتا ۽ وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي فواد چوڌري چيو ته تحريڪ انصاف جو وفد چيئرمين عمران خان جي هدايت تي معظم جي گهرڀاتين سان ڏک ونڊڻ لا آيو آهي، جيڪڏهن معظم ڪوشش نه ڪري ها ته تمام گهڻو نقصان ٿيڻ جو انديشو هو. حماد اظهر چيو ته اسان معظم گوندل جي ٻارن ۽ ڀا کي گڏ وٺي وڃي رهيا آهيون، اهي سڀ گهرڀاتي عمران خان سان ملاقات ڪندا. هن وڌيڪ چيو ته پارٽي طرفان مقتول جي وارثن کي 50 لک رپيا عطئي طور ڏنا ويا آهن ۽ معظم جي ٻارن لا جيڪو به ڪري سگهياسين، ضرور ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button