پاڪستان

آرمي چيف جي مقرري پنهنجي وقت تي ٿيندي،توهان پريشان نه ٿيو: شهباز شريف

وزيراعظم شهباز شريف ٻين ملڪن سان پاڪستان جي لاڳاپن جي حوالي سان ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن پرڏيهي لاڳاپن جي حوالي سان تفصيل ٻڌايان ته توهان جو مٿو ڇت سان وڃي لڳندو. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم چيو ته عمران نيازي قوم ۽ ادارن کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ چاهي ٿو، هن ملڪي معيشت ۽ پرڏيهي لاڳاپن جي معاملن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، ان حوالي سان منهنجي سيني ۾ راز دفن ٿيل آهن پر مان اهڙي ڪا ڳالهه نه ڪندس. هن وڌيڪ چيو ته آرمي چيف جي مقرري پنهنجي وقت تي ٿي ويندي، توهان کي ان تي پريشان نه ٿيڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button