پاڪستان

ايف آئي آر داخل ڪرائڻ ۾ ڪجهه ماڻهو بيوس نظر اچن ٿا: شاهه محمود قريشي

تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسان جو پرامن احتجاج جاري رهندو، ايف آ آر داخل ڪرائڻ جي معاملي ۾ ڪجهه ماڻهو بيوس نظر اچي رهيا آهن. شوڪت خانم اسپتال لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته وزيرآباد واقعي کي 48 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت گذري ويو آهي پر ڪيس داخل نه ٿيڻ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، ايف آءِ آر جي راهه ۾ رڪاوٽ نه بڻجڻ گهرجي، جيڪڏهن فريادي جي مرضي موجب ايف آءِ آر داخل نه ڪئي وئي ته قانوني طور ٻيا آپشن به موجود آهن، قانوني طور فريادي جو اهو حق هوندو آهي ته هو پنهنجو موقف ايف آ آر ذريعي بيان ڪري، شفاف جاچ ذريعي حقيقتن جو پتو لڳائي سگهجي ٿو، مون کي لڳي ٿو ته پوليس ڪنهن جي دٻا ۾ آهي ۽ اها ڳالهه ڳڻتي جوڳي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عمران خان تيزي سان صحتياب ٿي رهيو آهي، سندس ريڪوري سٺي نموني ٿي رهي آهي ۽ ڊاڪٽر به اطمينان ظاهر ڪري رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button