فريدآباد: فريدآباد-ميھڙ روڊ کي ڏنل ڪٽ مان ڪراس ڪندي 2 ڏينهن اڳ ٻڏي ويل ڪنڊو واهھ واسي نوجوان 18 سالن جي سھراب علي سولنگي پٽ ميرل سولنگي جو لاش 48 ڪلاڪن کانپو وارثن پنھنجي مدد پاڻ تحت ڳولا ڪري هٿ ڪيو ۽ ٻاهر ڪڍيو، اطلاع تي سوين ماڻهو گڏ ٿي ويا. ٻڌايو پيو وڃي ته نوجوان دوا لا فريدآباد وڃي رھيو ته ٻيڙي وارن جي ھڙتال سبب کنڊ جي پاڻي مان ڪراس ڪرڻ لڳو، پر پاڻي ۾ ڦاسي ٻڏي ويو، جنهن جو ٻن ڏينهن بعد لاش هٿ آيو آهي. لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. هوڏانهن سياسي سماجي اڳواڻن غلام نبي سولنگي، نصر الله سولنگي ۽ مختيار سولنگي چيو ته سنڌ ۾ سمورا رستا بحال ٿي ويا آهن، پر فريدآباد روڊ جا ڪٽ بند ناھن ڪيا ويا، ان ڪري نوجوان روڊ ڪراس ڪندي فوت ٿي ويو، جنهن جي ذميوار انتظاميا ۽ ٺيڪيدار آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close