اسلام آبادپاڪستان

موسمياتي تبديلي جي اثرن کي نظرانداز ڪرڻ مجرماڻي غفلت هوندي:وزيراعظم

اسلام آباد:وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڪوپ – 27 ڪانفرنس موسمياتي تبديلي ۽ عالمي گرمي پد جي خلاف سنگ ميل ثابت ٿيندي، موسمياتي تبديلي جي اثرن کي نظرانداز ڪرڻ مجرماڻي غفلت هوندي. آچر ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ڪوپ -27 ڪانفرنس مصر ۾ منعقد ٿيڻ ماحولياتي تبديلي ۽ عالمي گرمي پد جي خلاف انسانيت جي جنگ ۾ هڪ سنگ ميل ثابت ٿيندو. هن وقت پاڪستان ۽ آفريقا ۾ انتهائي موسمي واقعن ماحولياتي تبديلي جي عالمگيريت کي ظاهر ڪيو آهي، ان جي ناڪاري اثرن تي اکيون بند ڪرڻ مجرماڻي غفلت هوندي. هن چيو ته جي-77 جي صدارت ڪندي دنيا تي زور ڏيندو ته هو ڪلائميٽ فنانسنگ ۽ نقصانن جي ازالي لاءِ فنڊ جي طور تي پنهنجي واعدن کي پورو ڪري. هن چيو ته مالي مدد کانسواءِ اسرندڙ ملڪ موسمياتي تبديلي جي ڪيترن ئي خطرن جي ور چڙهيل رهندا، اسان آبهوا جو انصاف گهري رهيا آهيون، تازين قدرتي آفتن کانپوءِ ضرورتن جي جائزي سان اها ڳالهه سامهون آئي ته قرضن، توانائي ۽ خوارڪ جي عالمي سطح تي وڌندڙ قيمتن ۽ فنڊن جي کوٽ جي ڪري متاثرن جي بحالي لاءِ اسان جي ڪوششن ۾ رڪاوٽ اچي سگهي ٿي، دنيا پاڪستان کي ڪيس اسٽيڊي سمجهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button