اسلام آبادپاڪستان

وفاقي حڪومت ۽ وزيراعظم ڪا نرمي نه ڏيکارين:فضل الرحمان

اسلام آباد : پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان تحريڪ انصاف چيئرمين تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته هڪ نئون ڊرامو ڪيو ويو آهي، عمران خان اداڪاري ۾ شاهه رخ خان ۽ سلمان خان کي به ماري ويو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته خبر ٻڌي اسان پريشان ٿي وياسين، سڀني همدردي جو اظهار ڪيو. عمران خان ڪنهن اسپتال ۾ وڃڻ لاءِ تيار ناهي، گولي لڳڻ کانپوءِ هڪ ڏينهن ۾ لاهور پهچي وڃي ٿو. هڏي جو علاج ڪينسر جي اسپتال ۾ ڪرائي ٿو، اهو شخص مسلسل ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي. حادثي جو سهارو وٺي قوم کي مونجهاري ۾ وجهي رهيو آهي، هن سڀني کي منجهائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته بنا ثبوتن جي اهم شخصيتن تي الزام هنيا پيا وڃن، ڪوڙي شخص جي ميڊيڪل رپورٽ ۾ تضاد آهي. سيڪيورٽي جي ذميواري پنجاب حڪومت جي هئي، لانگ مارچ ناڪام ٿي چڪو آهي. سندس چوڻ هو ته عمران خان جي الزامن جي جاچ ٿيڻ گهرجي، ڪنهن کي به پاڪستان سان کيڏڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي. وفاقي حڪومت ۽ وزيراعظم ڪا نرمي نه ڏيکاري، ڊرامي کانپوءِ هن همدردي جو موقعو وڃائي ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button