
راڌڻ: پ پ ضلعي دادو جي عورت اڳواڻ شبانه نواب ۽ قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ارم عباس سولنگي تحريڪ انصاف اڳواڻ لياقت علي جتويئي سان ملاقات ڪري تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي شبانه نواب چيو ته عمران خان سچو ليڊر آهي ھو اسان جي دلين ۾ رھي ٿو. ارم عباس سولنگي چيو ته ملڪي حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رھيون آهن، امن امان جي حالت خراب آهي، ڪراچي ۾ ٻن سنڌي نوجوانن کي ماريو ويو، جيڪو به ظلم خلاف آواز اٿاري ٿو، اھو ماريو ٿو وڃي، عمران خان عوام خاطر جدوجهد ڪري پيو، ان تي به حملو ڪيو ويو.