اسلام آبادپاڪستان

سواتي جي مبينا وڊيو ليڪ جي جاچ بابت 14 رڪني اسپيشل ڪميٽي قائم

اسلام آباد : سينيٽر اعظم سواتي جي ميبنا وڊيو ليڪ معاملي جي جاچ واري معاملي ۾ چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي 14 رڪني اسپيشل ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي. ڪميٽي ۾ اعظم نذير تارڙ، محسن عزيز، يوسف رضا گيلاني، غفور حيدري، انوارالحق ڪاڪڙ شامل آهن. فيصل سبزواري، طاهر بزنجو، شفيق ترين، سينيٽر مشتاق به ڪميٽِي جو حصو آهن. سينيٽر قاسم، مظفر شاهه، هدايت الله شاهه، ڪامل علي آگاهه ۽ دلاور خان به ڪميٽي ۾ شامل آهن. ڪميٽي ميمبر ڪنوينر جو پاڻ فيصلو ڪندا. اسپيشل ڪميٽي کي 30 ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. خصوصي ڪميٽي اعظم سواتي جي مبينا وڊيو ليڪ جي هر پاسي کان انڪوائري ڪندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button