اسلام آباد : پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر اردن جي نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير ايمن صفادي سان ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس مطابق هي ملاقات ابوظهبي، گڏيل عرب امارات ۾ سربني ياس فورم جي 13هين سالياني اجلاس جي موقعي تي ٿي. ملاقات ۾ ٻنهي پرڏيهي وزيرن سياسي، اقتصادي ۽ موسمياتي شعبن سميت گهڻ رخي شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي اتفاق ڪيو. انهن علائقائي ۽ عالمي اهميت وارن معاملن تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ نطرين جي هڪ جهڙائي تي به اطمينان ظاهر ڪيو. گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ باقاعده ٻطرفي مصروفيتن جي اهميت کي به ورجايو ويو. پرڏيهي وزيرن سينٽرل اوڀر، ڏکڻ ايشيا ۽ نار واري خطي ۾ٿيندڙ اهم اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. انهن تڪرارن ۽ تڪرارن جو پرامن حل تلاش ڪرڻ جي ذريعي ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي اهميت تي زور ڏنو. پاڪستان ۽ اردن وچ ۾ ويجها ۽ خوشگوار لاڳاپا آهن جن جون پاڙون گڏيل عقيدي ۽ قدرن ۾ گهاٽيون آهن ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفي سطح سان گڏوگڏ گهڻ رخي فورمن خاص ڪري اقوام متحده ۽ او آئي سي ۾ ويجهو تعاون آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ حنا رباني کر يورپي يونين جي اعليٰ سطحي نمائندي پرڏيهي معاملن ۽ سيڪيورٽي پاليسي جوزپ بوريل ۽ سياسي معاملن جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل يورپين ايڪسٽرنل ايڪشن سروس اينريڪ مورا سان گڏيل عرب امارات ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ يورپي ملڪن وچ ۾ گهڻ رخي لاڳاپن تي اطمينان ظاهر ڪيو جيڪو وقت سان گڏوگڏ وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي هن چيو گه گذريل مهيني اسلام آباد ۾ گڏيل ڪميشن جي اهتمام ۽ هن هفتي يورپي پارليامينٽ جي ميمبرن جي دوري سميت ٻنهي ڌرين وچ ۾ تازي ڳالهه ٻولهه ٻطرفي لاڳاپن ۾ هاڪاري رفتار کي برقرار رکيو آهي پرڏيهي وزير هاڻوڪي موسمي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي کان پوءِ يورپي يونين ۽ ان جي ميمبر ملڪن پاران پاڪستان کي 133 ملين يورو جي انساني امداد کي به ساراهيو هن يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي کي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ڪمن جي سلسلي ۾ پاڪستان کي پيش ايندڙ هڪ وڏي چئلينج کان به آگاهه ڪيو هن عالمي برادري کان گهر ڪئي ته اها ان موقعي تي اڳتي وڌي ۽ پاڪستان لاءِ ماحولياتي انصاف کي يقيني بڻائي اعليٰ نمائندي مشڪل چئلينجن کي منهن ڏيڻ تي پرڏيهي وزير کي مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو پرڏيهي وزير ۽ يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي جي ايس پي پلس تي به ڳالهايو ۽ چيو ته هي اسڪيم پاڪستان ۽ يورپي يونين ٻنهي لاءِ گڏيل طور تي فائديمند آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close