هلندڙ بس ۾ سياسي بحث جهيڙي جي شڪل اختيار ڪري ورتي، جنهن تان گوليون هڻي هڪ همراهه کي قتل ڪيو ويو ۽ سندس ڀا زخمي ٿي پيو آهي. مليل ڄاڻ موجب سوات موٽر وي تي ڪاٽلنگ انٽرچينج ويجهو پشاور کان تيمر گرهه ويندڙ بس ۾ سفر دوران مسافرن ۾ سياسي بحث زور وٺي ويو، جنهن تان ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو ۽ هڪ ڌر پنهنجي ماڻهن کي ڳوٺان رستي تي گهرائي بس بيهاري ڇڏي، جنهن بعد بحث ۾ شريڪ ٻن ڀائرن وقاص الدين ۽ رحيم الدين کي گوليون هنيون ويون، فائرنگ ۾ رحيم الدين موقعي تي دم ڏنو، جڏهن ته سندس ڀا وقاص سخت زخمي ٿي پيو، جڏهن ته جوابدار فرار ٿي ويا. پوليس نامعلوم جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close