مصر جي وارياسي تفريحي ماڳ شرم الشيخ ۾ گڏيل قومن جي 27 هين موسمياتي تبديلي ڪانفرنس شروع ٿي وئي آهي، ڪوپ- 27 جي افتتاحي تقريب ۾ مختلف ملڪن جا سربراهه ۽ نمائندا موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لائحه عمل تي عملدرآمد جو جائزو وٺڻ لا شرڪت ڪري رهيا آهن. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب 27 هين موسمياتي تبديلي ڪانفرنس ۾ پاڪستان جهڙن موسمياتي تبديلين سبب متاثر ٿيل ڪمزور ملڪن لا معاوضي جي تجويز تي غور لا ان کي ايجنڊا ۾ شامل ڪرڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي. پاڪستان مان وزيراعظم شهباز شريف سربراهي ڪانفرنس ۾ شرڪت لا مصر پهچي چڪو آهي، جڏهن ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڪابينا ميمبرن سميت اعليٰ عملدار به وزيراعظم سان گڏ شريڪ آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق شرم الشيخ ڪانفرنس ۾ يوڪرين جنگ، عالمي مهانگائي، خوراڪ سميت مختلف بحرانن ۽ موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لا لائحه عمل تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. شروعاتي ڳالهه ٻولهه بعد ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ڪمزور ملڪن کي موسمياتي تبديلين سبب ٿيندڙ نقصان ۽ تباهي تي ازالي طور معاوضو ادا ڪيو وڃي، ان کان اڳ ماضي ۾ هي مسئلو ڪيترن ئي ورهين کان ڳالهه ٻولهه جو حصو نه بڻجي سگهيو هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close