پاڪستان

تحريڪ انصاف جو لانگ مارچ اڱاري کان ٻيهر ساڳئي هنڌان شروع ڪرڻ جو اعلان

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان حڪومت خلاف لانگ مارچ اڱاري کان ٻيهر ساڳئي هنڌان شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، هن چيو آهي ته حقيقي آزادي لانگ مارچ وزير آباد کان ئي نڪرندو، قافلا اتان ئي اڳتي روانا ٿيندا، جتي مون کي گوليون لڳيون ۽ اسان جي ڪارڪن معظم کي شهيد ڪيو ويو، مارچ راولپنڊي پهچڻ تي مان ان جي قيادت ڪندس. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پنجاب ۾ اتحادي حڪومت هجڻ باوجود پاڻ مٿان ٿيل قاتلاڻي حملي جي ايف آءِ آر داخل نٿو ڪرائي سگهان ته عام ماڻهو کي ڪيئن انصاف ملندو، پاڪستان جي قانون موجب مان پنهنجي مرضي سان آيف آءِ آر داخل ڪرائڻ جو حق رکان ٿو، آءِ پنجاب عهدو ڇڏڻ لاءِ ته تيار آهي پر ايف آءِ آر داخل ڪرڻ لاءِ نه، پنجاب ۾ اتحادي حڪومت هئڻ باوجود مان ايف آءِ آر داخل نٿو ڪرائي سگهان. هن چيو ته لانگ مارچ کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندو رهندس، مان ملڪ جو اڳوڻو وزيراعظم آهيان پر پنهنجي مٿان ٿيل حملي جي هڪ ايف آءِ آر داخل ڪرائي نه ٿو سگهان، پوليس کان پڇيو وڃي ته جوابدار جا وڊيو بيان ڪيئن ليڪ ٿيا، هو چون ٿا ته اسان تي دٻا آهي، جڊيشل ڪميشن سڀ کان پهرين ارشد شريف جي قتل جي جاچ ڪري، اعظم سواتي جي وڊيو معاملي جي به جاچ ٿيڻ گهرجي، وٽس اصلي وڊيو موجود آهي، هو سينيٽر آهي ۽ ان سان هي سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهي ڪير ماڻهو آهن جيڪي فوري طور ردعمل ڏيکارين ٿا، مون تي قاتلاڻي حملي بعد ڪوڙ مٿان ڪوڙ ڳالهايو ويو، سڀ ڪجهه اسڪرپٽ تحت ڪيو ويو، هو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته اسان جي پنهنجي پوليس ڪيس کان منع ڪري رهي آهي، آئون چاهيان ٿو ته صاف ۽ شفاف جاچ ڪئي وڃي، پنجاب ۾ اسان جي حڪومت آهي پر 3 ڏينهن کان ڪيس داخل نه ڪرائي سگهيا آهيون، ملڪ جو اڳوڻو وزيراعظم چئي رهيو آهي ته 3 ماڻهو ملوث آهن، جڏهن آئون خود ايف آ آر داخل نه پيو ڪرائي سگهان ته باقي قوم ڇا ڪندي؟ پي ٽي آ سربراهه پوري قوم کان احتجاج ۾ شامل ٿيڻ جي اپيل ڪندي چيو ته ڪنهن کان ڊجي پنهنجي آزادي ۽ ضمير جو سودو نه ڪريو، خوف ختم ڪري سڀني کي ٻڌائي ڇڏيو ته اسان ڪي رڍون يا ٻڪريون نه آهيون، انصاف جي کوٽ ۽ قانون جي بالادستي نه هجڻ پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي، غلامي جي زندگي کان منهنجو مرڻ بهتر هوندو. هن وڌيڪ چيو ته سائيفر کي نه ٿو مڃيو وڃي، جيتوڻيڪ اهو چيف جسٽس وٽ به آيل آهي، ان جي جاچ ڪرائي وڃي ته سازش ٿي يا نه، سائيفر تي اڳيان ڳالهه ڇو نٿي ڪئي وڃي، جيڪڏهن سائفر ڊرامو هو ته ان جي جاچ ڇو نٿي ڪرائي وڃي، اهي سائفر جي جاچ کان ڇو ٿا ڊڄن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button