عمرڪوٽ: عمرڪُوٽ ۾ مبينا اغوا ٿيل ڇوڪري سان ڏيڍ مهيني تائين اجتماعي لڄالٽ ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ڇوڪري پوليس تي بيان رڪارڊ نه ڪرڻ جو الزام هڻندي انصاف جو مطالبو ڪيو. ان سلسلي ۾ عمرڪوٽ ۾ ڏيڍ مهينو اڳ مبينا طور اغوا ٿيل ڇوڪري پريس ڪلب عمرڪوٽ پهچي صحافين اڳيان احتجاج ڪيو. هن دانهون ڪندي چيو ته مون کي ڏيڍ مهينو اڳ 3 جوابدارن زبردستي گهران اغوا ڪري ڪراچي جي علائقي مڇر ڪالوني ۾ قيد ڪري رکيو، جوابدار مون کي شادي لا دٻا وجهندا رهيا، مون انڪار ڪيو ته جوابدارن ڏيڍ مهيني تائين جنسي زيادتي ڪئي، 2 ڏينهن اڳ موقعو ملڻ تي فرار ٿي عمرڪوٽ پهتي آهيان. هن وڌيڪ چيو ته پوليس وٽ بيان رڪارڊ ڪرڻ لا بار بار ٿاڻي جا چڪر ڪاٽي رهي آهيان، پر پوليس بيان رڪارڊ ڪرڻ کان انڪار ٿي ڪري ۽ رلائي رهي آهي. هن ايس ايس پي عمرڪوٽ کي اپيل ڪئي ته مونکي تحفظ ڏياري جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close