
عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ۾ ڊاڪٽرن ۽ عملي جي احتجاج سبب مريض دربدر ٿي ويا، وارڊن ۾ داخل مريضن اسپتال ٻاهران احتجاج ڪيو. رسڪ الائونس لا ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف جي احتجاج سبب وارڊن ۾ داخل مريض علاج نه ٿيڻ تي ٻاهر نڪري آيا، جن ٽائرن کي باهيون ڏئي مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته رات کان اسپتال ۾ داخل آهيون، پر ڊاڪٽر ۽ عملو علاج نٿو ڪري، بيمار ٻار تڙپي رهيا آهن، ڪير به ڏسڻ وارو ناهي. ساڳيا ڊاڪٽر پرائيوٽ اسپتالن ۾ ڳريون فيسون وٺي علاج ڪري رهيا آهن، پر سرڪاري اسپتال ۾ علاج نٿا ڪن. اسان غريب ماڻهو سئو رپيا اوڌر وٺي اسپتال پهتا آهيون، پر هتي ظلم آهي، معصوم ٻار مليريا ۽ گيسٽرو ۾ مري رهيا آهن، ڊاڪٽر روز هڙتال جو ڊرامو ڪري مريضن کي تنگ ڪري رهيا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته ڊيوٽي چور ڊاڪٽرن ۽ عملي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ٻئي پاسي مريضن جي احتجاج جو ٻڌي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر فريد هنڱورجو اسپتال پهچي مريضن سان ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو.