شھدادپور: ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر سانگهڙ ڊاڪٽر فيض محمد مري اوچتو سمس اسپتال شھدادپور پهچي ويو. هن اسپتال جي مختلف شعبن جو معائنو ڪيو ۽ اسپتال ۾ داخل مريضن کي ملندڙ سهولت بابت ڄاڻ ورتي. جنهن بعد روبيلا مهم بابت تعلقي شھدادپور جي عملي سان گڏجاڻي ڪئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊي ايڇ او سانگھڙ چيو ته ضلعي جي سمورن تعلقن ۾ ارڙي ۽ روبيلا کان بچاءُ جا ٽڪا لڳائڻ واري مھم 7 نومبر کان شروع ڪئي وئي آهي، جنهن کي ڪامياب بنائڻ لا حڪمت عملي جوڙي وئي آهي. هي مهم 12 نومبر تائين جاري رھندي، مھم دوران ضلعي جي 6 مھينن کان پنج سال تائين عمر جي ٻارن خاص ڪري برسات سبب بي گھر ٿيندڙ ٻارڙن کي اررڙي ۽ روبيلا کا بچاءُ جا ٽڪا لڳايا ويندا، جنھن لا ٽيمن جي تربيت، وئڪسين جي ڪولڊ چين برقرار رکڻ سميت سمورا گھربل انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. هن ٻڌايو ته ضلعي جي ڪل هڪ لک 80 ھزار ٻارن کي ٽڪا لڳايا ويندا، جنهن لا 5 سئو ٽيمون جوڙيون آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close