ڪراچي: جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته پ پ، نواز ليگ ۽ پي ٽي آءِ عوام کي مايوس ڪيو آهي، انهن جي جدوجهد عوام ۽ ملڪ جي ترقي بدران پنهنجا ذاتي مفاد حاصل ڪرڻ آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اڄ ملڪ اندر مهانگائي، ڪرپشن توڙي ڦُرلُٽ جي بازار گرم آهي. جماعت اسلامي جي سڀني سرگرمين جو مرڪز ۽ محور الله جي رضا ۽ ملڪ ۾ اسلامي نظام نافذ ڪرڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جماعت اسلامي ضلع شهيد بينظرآباد جي نئين چونڊيل امير سُرور احمد قريشي جي تقريب حلف برداري کي خطاب ڪندي ڪيو.
هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته جماعت اسلامي آئيني ۽ پُرامن جهموري جدوجهد تي يقين رکي ٿي، اسان وٽ هڪ ننڍڙي شهرکان ويندي ملڪ تائين هر سطح جي ذميدارن جي چونڊ ٿئي ٿي، جماعت اسلامي ملڪ جي حقيقي معنى ۾ ديني، جهموري ۽ موروثيت کان پاڪ سياسي جماعت آهي، باقي سڀئي پارٽيون خانداني جماعتون آهن، ماڻهو مهانگائي، بيروزگاري، بُک ۽ بدحالي جو شڪار ۽ پنهنجي مسئلن جو حل چاهين ٿا، هن وقت اُميد جي واحد ڪرن جماعت اسلامي آهي، ان ڪري ڪارڪن ۽ اڳواڻ عوام تائين پنهنجي دعوت پهچائين.