راڌڻ: نئون ديرو بلاول هائوس تي پ پ پ عورت ونگ سنڌ جي صدر ۽ ايم پي اي فريال ٽالپر سان پ پ اڳواڻ قمبر علي لغاري ملاقات ڪئي آهي. جنهن ۾ مھا ٻوڏ ۾ ٻڏي ويل تعلقي خيرپور ناٿن شاهه ۽ ڀرپاسي ۾ بيٺل جوهي بئراج، سيتاروڊ کان ڪاڇي تائين ٻوڏ جي پاڻي جي جلد نيڪالي ۽ متاثرن جي مدد ۽ سندن گهرن جي نقصان جي مرمت جو ڪم شروع ڪرائڻ بابت ڳالهايو ۽ انتظاميه جي لاپرواهي بابت آگاهي ڏني ته وقت سر پاڻي کي رستو نه ڏنو ويو ۽ شديد برساتن جي وقت اهو ضروري هو ته منڇر کي اڳ ئي خالي ڪيو وڃي ها ۽ سيوھڻ کان دانستره واھه ۽ اڙل واھن جا بند ٿيل در اڳ کوليا وڃن ھا ته نقصان کان بچي سگهجي ها ۽ نااهل ڊپٽي ڪمشنر دادو خيرپور ناٿن شاهه کي ٻوڏ جي پاڻي کان بچائڻ لا ڪا حڪمت عملي نه جوڙي آبپاشي جو عملو خيرپور ناٿن شاهه جي بندن جي مضبوطي جي لا ڪا مشينري مهيا نه ڪري سگهيو ۽ بجيٽ جا ڪروڙين رپيا ڦٻايا ويا. جنهن تي فريال ٽالپر چيو ته خيرپور ناٿن شاهه تعلقه جي ٻوڏ متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي ۽ لاپرواهي ڪندڙ ڊپٽي ڪمشنر دادو، آبپاشي عملي ۽ ٻي انتظاميه خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close