ڪراچي: گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري سان جرمني جي قونصل جنرل ڊاڪٽر رڊيجر لوٽز ڪالهه ملاقات ڪئي آهي. جنهن ۾ 2 طرفن لاڳاپن، سيڙپڪاري ۽ ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي گورنر سنڌ چيو ته پاڪستان ۽ جرمني جا ٻه طرفا لاڳاپا ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن ۽ پاڪستان هميشه جرمني سان پنهنجي لاڳاپن کي خاص اهميت ڏئي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته جرمن سيڙپڪاري سان خطي مان غربت جي خاتمي ۾ مدد ملي رهي آهي. جرمن قونصل جنرل چيو ته مستحڪم ۽ خوشحال پاڪستان خطي لاءِ لازمي آهي. هن چيو ته جرمن سيڙپڪار مختلف شعبن ۾ دلچسپي رکن ٿا ۽ ان ڏس ۾ واپاري وفدن جي مٽاسٽا سان ٻطرفي واپار ۾ اضافو ٿيو آهي.
هوڏانهن سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان پنجاب جي گورنر بليغ الرحمان گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بليغ الرحمان سنڌ جي گورنر کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ سنڌ جي گورنر کي لاهور اچڻ جي دعوت پڻ ڏني. ملاقات ۾ ٻنهي صوبن وچ ۾ سهڪار وڌائڻ، مختلف شعبن ۾ وفدن جي مٽاسٽا ۽ سماجي شعبي جي ترقي، نوجوانن کي اڳتي وڌڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي گورنر سنڌ چيو ته پاڪستان هر شعبي ۾ چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ هن وقت ملڪ کي مشڪلاتن مان ڪڍڻ لاءِ اتحاد ۽ اتفاق جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي ترقي لاءِ تعليم جي شعبي ۾ گڏيل سهڪار ضروري آهي. گورنر پنجاب چيو ته اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ لاءِ گورنر سنڌ جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.