پاڪستانسنڌ

خيرپور ۾ ڊراما فيسٽيول شروع، آزمائش ڊرامو پيش

خیيرپور: خيرپور آرٽس ڪائونسل ۾ ڪلچرل اينڊ لٽريچر فيسٽول جو افتتاح سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل ڪيو، ناپا ڪراچي پاران پنجن ڏينھن واري ڊراما فيسٽول ۾ پھريون ڊرامو آزمائش پيش ڪيو ويو، ڊرامي ۾ اداڪار امجد گل سومرو، مير صوبدار سعيد، عظيم سومرو مزاحيا ڪردار ڪندي ماڻھن کي کلائي خيرو ڪري ڇڏيو، ڊرامو جي ڪردارن ۾ فھيم ڀٽو، سجاول ڳاھو، سھڻي ناز، وارث بوزدار ۽ ٻين حصو ورتو، جن پڻ ڪردارن سان خوب نڀايو، ڊرامو جي رائيٽر پروفيسر سجاول ڳاھو ۽ ڊائريڪشن پرڪاش ڪمار ڏني، ان موقعي تي ڊاڪٽر مشتاق ڦل خطاب ڪندي چيو ته خيرپور آرٽس ڪائونسل جو بھترين ڪم آھي، جتي ماڻھو سخت پريشانين ۾ مبتلا آھن اتي کين سندن چھرن تي مرڪون وکيري رھيا آھن. خيرپور آرٽس ڪائونسل جي صدر سانول ڳاھو چيو ته اسان جي به ڪوشش رھي آھي ته خيرپور جي رھواسين کي انٽرٽينمينٽ مھيا ڪندا رھون، پنج ئي ڏينھن خيرپور آرٽس ڪائونسل ۾ مختلف نشستن تي ويھڪون پڻ رکيون ويون آھن. جنرل سيڪريٽري سيد اڪبر شاھه، ڊاڪٽر نصير شيخ ۽ محمد يوسف ڪڙيو چيو ته آرٽس ڪائونسل جون سرگرميون ساراھه جوڳيون آھن. شرڪت ڪندڙن ۾ شاهنواز ڪلهوڙو، ايڊوڪيٽ طارق مھيسر، ظھير لاڙڪ، لطيف چانڊيو، مرتضيٰ ڦل، فقير ڦليو سميت شھرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button