ڪراچي: انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مواصلات واري وفاقي وزير سيد امين الحق ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته جيڪڏهن مان وزير نه رهيس ته توهان به وزير نه رهندا. 42 ارب رپين جي لاڳت سان ڪراچي ۾ آءِ ٽي پارڪ جو منصوبو شروع ٿي ويو. انفارميشن ٽيڪنالاجي اينڊ ٽيلي ڪميونيڪيشن وزارت تحت ڊجيٽل ڪراچي جي اهم منصوبي “آءِ ٽي پارڪ” جي پيڙهه جو پٿر وفاقي وزير امين الحق رکيو. آءِ ٽي وزارت طرفان اهو شهر لاءِ هڪ وڏو تحفو آهي، اسٽيٽ آف دي آرٽ منصوبي تي تقريبن 42 ارب رپين جي لاڳت ايندي ۽ اهو جون 2026 ۾ مڪمل ٿيندو. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جو حڪم آهي ته آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام سيڪٽر کي رليف ڏنو وڃي، اسحاق ڊار کي چوان ٿو ته پنهنجو رويو تبديل ڪري. هن چيو ته هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير جي حيثيت سان مان ناڻي واري وزير اسحاق ڊار کي ادب سان چوان ٿو ته هو پنهنجو رويو درست ڪري، پنهنجي روش ۾ مثبت تبديلي آڻي، آءِ ٽي انڊسٽري ۽ پنهنجي عوام سان گڏ بيٺو آهيان.
هن چيو ته جيڪڏهن ناڻي واري وزير پنهنجي رويي ۾ مثبت تبديلي نه آندي ته منهنجي ڳالهه غور سان ٻڌو، جيڪڏهن مان وزير نه رهيس ته پوءِ توهان به وزير نه رهندا، توهان کي منهنجي آ ٽي جي عوام کي رليف ڏيڻو پوندو. ٽيليڪام صنعت کي سهولتون فراهم ڪرڻيون پونديون. اسحاق ڊار کي مخاطب ٿيندي امين الحق چيو ته هلندڙ هفتي اسان توهان لاءِ تجويزون ۽ سفارشون کڻي اچي رهيا آهيون، ڇو ته وزيراعظم جون هدايتون آهن، اميد آهي ته توهان ان تي عمل ڪندا، ضد نه ٿيندو. امين الحق منصوبي بابت ٻڌايو ته “آءِ ٽي پارڪ” جي لاڳت جي رقم مان 35 ارب رپيا ڪوريا جي ايگزم بئنڪ ۽ 7 ارب رپيا پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ کاتي مان ايندا. هن چيو ته ان 11 ماڙ عمارت ۾ 8 مٿيون ۽ 3 هيٺيون ماڙون تعمير ٿينديون، عمارت ۾ ملڪي ۽ پرڏيهي آءِ ٽي ڪمپنين جون آفيسون هونديون ۽ ان سان 20 هزار نوڪريون پيدا ٿينديون. هن چيو ته آءِ ٽي پارڪ ڪراچي کي ڊجيٽل گيٽ وي بڻائڻ ۽ ملڪي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.