حيدرآباد: آ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي شهيد ڊي ايس پي ۽ اهلڪارن جي تڏي تي پهچي تعزيت ڪئي، 9 ڌاڙيلن جي سر جي قيمت رکي آهي، ڪنهن به صورت بخش نه ڪيو ويندو: آ جي سنڌ. رپورٽ موجب آ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير حسين تنيو شھيد اهلڪار سليم چاچڙ جي اباڻي ڳوٺ راڄنپور پهتا، جتي هنن وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. آ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ٽن مغوين جي بازيابي لا رانوتي جي ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف پوليس جو آپريشن هلندڙ هو، جنهن ۾ اسان جا پنج اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن، مون کي پنهنجي شهيدن تي فخر آھي، جن پنهنجي جان جي پرواهه نه ڪندي بهادري سان ڏوهارين سان مهاڏو اٽڪائيندي شهادت جو عظيم رتبو ماڻيو آهي، ڌاڙيلن بابت اطلاع ڏيندڙن کي انعام ڏنو ويندو، رانوتي جي ڪچي وارو علائقو پٺتي پيل آهي، جتي ڏوهارين جا ٽولا رهن ٿا، اتي دريا لڳي ٿو ۽ چوڌاري پاڻي هجڻ سبب پوليس کي ڏوهارين خلاف آپريشن ڪرڻ ۾ تمام گهڻيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون، ڏوهارين خلاف آپريشن ۾ سيڪورٽي ايجنسيز کان به مدد وٺنداسين. ان موقعي تي آ جي شهيد جي ٻارن سان پيار به ڪيو. جڏهن ته آ جي سنڌ گھوٽڪي ضلعي ۾ پھچڻ بعد پوليس اھلڪار جتوئي پتافي جي وارثن وٽ واڳڻي پھتو ۽ شهيد لا دعا گهري. ٻي طرف آ جي غلام نبي ميمڻ ايس ايس پي گھوٽڪي تنوير احمد تنيو جي آفيس ۾ آفيسرن ۽ معزز شخصيتن سان ملاقاتون ڪيون. ان موقعي تي آ جي غلام نبي ميمڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس اطلاع جي بنياد تي ڪارروائي ڪري ٿي، ڪچي واري علائقي ۾ پوليس کي موثر بڻائي ڏوھارين جو خاتمو آڻينداسين، شھيدن جو خون رائيگان نه ويندو، شھيدن جو خاندان اسان جو خاندان آھي، ڏوھارين خلاف آپريشن بند ناھي ٿيو، آپريشن کي حڪمت عملي سان تيز ڪيو ويندو، جيئن پوليس جو نقصان نه ٿئي يا گھٽ ٿئي. لاڙڪاڻي ۾ شهيد ڊي ايس پي عبدالمالڪ ڀٽو جي پونيئرن سان تعزيت کان پو آ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جيتوڻيڪ گهوٽڪي سانحي ۾ پوليس آفيسرن ۽ جوانن جي شهادت تي پوليس ۾ ڪافي ڏک ۽ ڪاوڙ جي لهر ڇانيل آهي، پر مان گهوٽڪي، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ ڏٺو آهي ته پوليس آفيسرن ۽ جوانن جا حوصلا بلند آهن، حملي ۾ ملوث ڌاڙيلن خلاف جلد ڪارروائي ڪري کين حملي جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت واقعي ۾ ملوث 9 ڌاڙيلن جي سرن جي قيمت رکي آهي ۽ تمام جلد اهڙو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويندو، اسان جي ڪوشش آهي ته انهن ڌاڙيلن جي ٿاڪن جي نشاندهي ڪري ڀرپور آپريشن ڪري کين عبرتباڪ سزا ڏني وڃي. هن چيو ته وسيلن ۽ ٽيڪنالاجي جي ڳالهه ڪجي ته گذريل 10 سالن جي ڀيٽ ۾ هاڻي پوليس وٽ جديد هٿيار ۽ بهتر معيار جون اي پي سيز آهن ۽ سنڌ حڪومت سي ٽي ڊي کي اپ گريڊ ڪرڻ لاءِ سوا 3 ارب رپيا ڏنا آهن، ان سان نه صرف سي ٽي ڊي پر پوليس جي به ڪارڪردگي ۾ بهتري اچي رهي آهي. هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي شهيد ڪندڙ جوابدارن جي نشاندهي ڪري انهن جي خلاف انٽيليجنس بيس آپريشن ڪيون، ان لاءِ ٻن ڏينهن دوران ڪافي اڳڀرائي به ٿي آهي ۽ واقعي جو ڪيس به داخل ٿي چڪو آهي. آ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته ڌاڙيل ڊڪٽيشن ڏيندا رهندا آهن پر اسان ڪڏهن به ڌاڙيلن کان ڪا ڊڪٽيشن نه ورتي آهي ۽ نه ئي ڪڏهن ڊڪٽيشن وٺنداسين، اڄ کان 15 سال اڳ سنڌ جي ڪافي علائقن ۾ پوليس ڪانوائي ۾ مسافر سفر ڪندا هئا پر هاڻي اهڙي خراب حالت ناهي، گهوٽڪي ٽرا بارڊر آهي، جتي سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جا بارڊر ملن ٿا، سکر ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ آر پي او بهاولپور ۽ ايس ايس پي رحيم يار خان به آيل هئا، تنهن ڪري اسان جو هڪٻئي سان بهتر سهڪار آهي. هن چيو ته اسان ان مرحلي ۾ آهيون ته بهتر کان بهتر هٿيار خريد ڪيون ان لاءِ جيڪڏهن پوليس وٽ بهتر ٽيڪنالاجي ۽ بهتر هٿيار هوندا ته پوليس بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي. هن چيو ته ڪالهه وڏي وزير سکر ۾ اجلاس ۾ خاطري ڪرائي آهي ته بهتر کان بهتر اوزار پوليس کي ڏينداسين. ياد رهي ته ٽي ڏينهن اڳ ٽن مغوين جي بازيابي لاءِ رانونتي جي ڪچي ۾ آپريشن دوران ڊي ايس پي اوٻاوڙو عبدالمالڪ ڀٽو، ايس ايڇ او ميرپورماٿيلو عبدالمالڪ ڪمانگر، ايس ايڇ او کينجھو دين محمد لغاري، اھلڪار سليم چاچڙ ۽ اھلڪار جتوئي پتافي شهيد ٿي ويا ھئا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close