وزيراعظم شهباز شريف 27 هين ڪوپ ڪانفرنس جي موقعي تي موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لا عالمي برداري جي مدد سان گڏيل چارٽر ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو آهي. شهباز شريف مصر جي تفريحي ماڳ شرم الشيخ ۾ گڏيل قومن جي 27 هين موسمياتي تبديلي ڪانفرنس ۾ شرڪت دوران اهڙي تجويز پيش ڪئي. وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ ترقي پذير ملڪن جي وس ۾ ناهي، عالمي برادري سان گڏجي هڪ چارٽر ٺاهڻو پوندو. هن وڌيڪ چيو ته ترقي جو پنڌ ڪندڙ ملڪ موسمياتي تبديلي سبب وڌيڪ متاثر ٿيا آهن، اميد آهي ته هي ڪانفرنس موسمياتي انصاف ڏيارڻ ۾ وڏي اڳڀرائي ثابت ٿيندي. وزيراعظم هائوس مان جاري ڪيل بيان مطابق شهباز شريف ڪوپ-27 ڪانفرنس دوران ڪيترن ئي ملڪن جي سربراهن سان مليو ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان پڻ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي هن ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪندڙ سڀني ملڪن جي جذبي جي واکاڻ ڪئي. ٻئي طرف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ڪلائميٽ چينج ڪانفرنس دوران پنهنجي تقرير ۾ چيو ته اسان ماحولياتي تباهي جي رستي تي آهيون ۽ بيهڻ جو نالو ئي نٿا وٺون، هي ڪانفرنس اهڙي وقت ۾ ٿي رهي آهي جڏهن گذريل هڪ سال اندر پاڪستان ۾ شديد ٻوڏ جهڙي قدرت آفت کانسوا عالمي گرمي پد جا اڳوڻا رڪارڊ ٽٽي چڪا آهن، عالمي گرمي پد جي مسئلي کي منهن ڏيڻ لا سڄي انسانيت کي گڏجي سهڪار ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته انسان ذات فنا ٿي ويندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close