پاڪستان

عمران خان تي قاتلاڻو حملو ڪندڙ جوابدار نويد جو پاڙيسري به گرفتار

تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان تي قاتلاڻي حملي جي جاچ دوران سي ٽي ڊي پنجين گرفتاري ڪئي آهي، وزيرآباد مان مک جوابدار نويد جي پاڙيسري احسن کي گرفتار ڪيو ويو، جيڪو نواز ليگ جي مقامي اڳواڻ جو ڀا آهي. سي ٽي ڊي ذريعن موجب پوليس ۽ سي ٽي ڊي اهلڪارن وزيرآباد ۾ ڪارروائي ڪئي، جتان مک جوابدار نويد جي پاڙيسري کي گرفتار ڪيو ويو، جوابدار جي سڃاڻپ احسن جي نالي سان آهي، جيڪو ڪمپيوٽر هارڊويئر جو دڪان هلائيندو آهي. جاچ جي سلسلي ۾ نويد سميت 5 ڄڻا گرفتار ٿي چڪا آهن، جن کان پڇا ڳاڇا جاري آهي ۽ وڌيڪ گرفتارين جو پڻ امڪان آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button