اسلام آباد: اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان پاران سينيئر صحافين حامد مير، مرتضيٰ سولنگي ۽ وقار کي وزير آباد سانحي ۾ ملوث ڪرڻ جي ڪوشش جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته عمران خان سياست ڪري، فساد، فتنو ۽ انتشار نه پکيڙي، حڪومت ۾ رهي هن صحافين تي حملا ڪيا ۽ هاڻي صحافين تي ڪيس ٺاهي رهيا آهن. عمران خان سياست ڪري، صحافين جي جان کي خطري ۾ نه وجهي. ڪالهه پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته لاشن تي سياست، صحافت تي سياست، عمران خان کي سياسي مخالفن سان گڏ سياسي جنگ وڙهڻ ئي نه ٿي اچي. سياسي مخالفن سان سياسي مخالفت ڪريو، ملڪ دشمني ته نه ڪريو. هن چيو ته جيڪو توهان جي خلاف ڳالهه ڪري اهو توهان جو دشمن آهي، عمران خان ٽنهي صحافين جا نالا وٺي انهن جي جان خطري ۾ وڌي، جنهن جي شديد مذمت ڪريون ٿا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته پورو پاڪستان فارين فنڊڊ فتني جي ڪوڙ، الزامن ۽ فساد جو شڪار آهي، اقتدار ۾ اچڻ جي لاءِ پوري ملڪ کي باهه لڳائڻ چاهي ٿو، عمران خان ملڪ کي باهه لڳائي، رت وهائي ۽ لاش ڪيرائي ڇا ٿو ڪرڻ چاهي؟ هن چيو ته صحافي سوال پڇن ته دشمن، ايف آءِ اي، اليڪشن ڪميشن ۽ عدالت سوال پڇي ته دشمن. هن چيو ته فارين فنڊڊ فتنو اڄ تائين پنهنجي خلاف ڪنهن قانوني ڪيس ۾ پيش ناهي ٿيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close