پاڪستانسنڌ

ڪجهه سئو فسادين جي ڪري ڪروڙين ماڻهو مشڪلاتن ۾ آهن: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته ڪجهه سو فسادين جي ڪري ڪروڙين ماڻهو مشڪلاتن ۾ آهن، اهي فسادي احتجاج جي نالي تي روڊ بلاڪ ڪري رهيا آهن، وفاقي حڪومت ڪي پي ڪي ۽ پنجاب تي ذميواري عائد ڪري ڇڏي آهي، صوبائي حڪومتون پنهنجون ذميواريون نڀائين، آئيني ۽ قانوني ذميواري پوري ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سنگين آئيني نتيجا نڪرندا. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته پنجاب ۾ ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ مسئلو ناهي، انهن ۾ ايترو دم ناهي جو ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪرائي سگهن، قومي ادارن، قومي يڪجهتي يا رياست جي مفاد خلاف ڪم معاف نه ڪيو ويندو، هي لانگ مارچ ناهي، ٻه صوبا وفاق تي حملو ڪري رهيا آهن، اهو احتجاج ٻه حڪومتون ڪرائي رهيون آهن نه ته ماڻهو نظر نه ايندا. هن صوبائي حڪومتن تي زور ڀريو ته قومي شاهراهه کولرايو، مرڪز طرفان عوام سان معذرت ڪيان ٿو، سڄي پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ۾ ڪجهه هزار ماڻهو احتجاج ڪري رهيا آهن، پوليس جي قانوني ذميواري آهي ته رستا کولرائي، ڪجهه شرپسندن جي ڪري ڪروڙين ماڻهو پريشان ٿي رهيا آهن، ڏڦيڙي احتجاج جي نالي تي رستا بند ڪري ويٺا آهن، صوبائي حڪومتون پنهنجون آئيني ۽ قانوني ذميواري پوريون ڪن نه ته ان جا سنگين آئيني نتيجا نڪرندا. سندس چوڻ هو ته عدالت ڏڦيڙي مارچ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، اهي رليف لاءِ سڀاڻي عدالتن ۾ ويندا، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، پشاور هاءِ ڪورٽ ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جا چيف جسٽس نوٽيس وٺن.

هڪ سوال جي جواب ۾ راڻا ثناءُ الله چيو ته جيڪڏهن عمران خان جي تقرير تي ايف آءِ اي انڪوائري ڪري ٿي ۽ هو ڏوهي ٿو نڪري ته قانون موجب ڪارروائي ڪبي. گهرو وزير رانا ثناءُ الله وڌيڪ چيو آهي ته ارشد شريف جي قتل جي جاچ ڪندڙ ٽيم جي بريفنگ مان پتو پوي ٿو ته صحافي جي ٽارگيٽ ڪلنگ ڪئي وئي آهي، ڪينيا جي پوليس پاران غلط سڃاڻپ جو موقف ثابت نٿو ٿئي ڇو ته ان ۾ کوڙ سارو شڪ آهي ۽ ڏٺو وڃي ته ڪينيا جي پوليس انهن ڪمن ۾ ماهر آهي ۽ پئسا وٺي اهڙا ڪم ڪري ٿي، هن چيو ته ڪينيا جي پوليس لاءِ اهو مشهور آهي ته اها انهن ڪمن ۾ ماهر آهي، پئسا وٺي به اهڙا ڪم ڪري ٿي، ڇو ته ارشد شريف جي گاڏي تي ٽيڪنيڪل طريقي سان فائر ٿيا آهن ۽ پوليس کي اهو به پتو هو ته ارشد شريف ڪنهن سيٽ تي ويٺو هو ۽ ڊرائيور کي به پتو هو ته ڪنهن هنڌ تي ڇا ٿيڻو آهي. هن چيو ته وزراعظم کي درخواست ڪندس ته هو ڪينيا حڪومت سان ٻيهر ڳالهائي ۽ ارشد شريف جي موبائيل ۽ ليپ ٽاپ سميت جيڪو ڊيٽا اسان کي گهرجي اهو ڏنو وڃي. هن چيو ته وزيراعظم اتحادي حڪومت طرفان عوام کان معذرت گُهري ٿو، کين يقين ڏياريان ٿو ته ان صورتحال کي وڌيڪ دير تائين هلڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته عمران خان نيازي سينيئر صحافين سان جيڪا ڳالهه منسوب ڪئي آهي ته ان جي مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته وزير آباد واقعي ۾ جوابدار نويد ئي اصل جوابدار آهي، سموري انڪوائري، جاچ جهڙيءَ طرح اڳيان وڌي رهي آهي ان ۾ ڪو ٻيو جوابدار ناهي. هن چيو ته حملي آور جي ٽيليفون مان جيڪي شيون مليون آهن، اهو وڌيڪ متاثر لڳي ٿو، ان جو ڪنهن سياسي ۽ مذهبي جماعت سان ڪو تعلق ناهي، هو وڌيڪ عرصو سعودي عرب ۾ رهيو، ٽي ڏينهن اڳ هٿيار خريد ڪيو، جتي جتي ان جو لنڪ مليو ان جي جاچ ٿي رهي آهي. هن چيو ته عمران خان نيازي جي ڪوشش هئي ته انهيءَ بهاني سان ملڪ دشمن، فتنو، فساد تي مبني ايجنڊا جي ور چڙهي، فواد چوڌري چوي ٿو ته ايف آءِ آر مدعي جي رضامندي بغير ناهي هوندي، سڀاڻي جيڪڏهن ڪو ڪنهن جو نالو لکي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ اچي ته ايس ايڇ او اکيون بند ڪري ايف آءِ آر ان جي هٿ ۾ ڏئي ڇڏي، جيڪو به نالو ورتو وڃي، ان جو لنڪ ثابت ڪرڻو پوندو آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ گهرو وزير چيو ته فائل ورڪ ٿي رهيو آهي ان بعد سڀ ڪجهه ٿيندو، اسان کي خبر آهي ته انهن ماڻهن کي ڀڄي ڪيڏانهن وڃڻو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه ٻن صوبن ۾ گورنر راج لڳائڻ جو فيصلو اتفاق راءِ سان ڪرڻو آهي، امير مقام اسان جي ڪابينه جو ميمبر آهي، ان جي راءِ پڻ اهميت رکي ٿي. هن چيو ته انقلاب جي دعويٰ ڪندڙ شخص هڪ ايف آءِ آر پنهنجي مرضيءَ جي داخل ناهي ڪرائي سگهيو، کيس پنهنجي حيثيت جي خبر هئڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته گورنر پنجاب کي ايف سي ۽ رينجرز فراهم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم طرفان خط چيف جسٽس آف پاڪستان جيڪو وڃي چڪو آهي، ارشد شريف قتل جي حوالي سان ڪينيا کان واپس ايندڙ ٽيم سان ملاقات ٿي آهي، ڪيتريون ئي ڳالهين جي انڪوائري ٿيڻي آهي، ٽيم کي چيو ويو ته هو دبئي ۾ وڃي ۽ وڌيڪ جاچ ڪري، ڪينيا عملدارن سان ڪميٽي جيڪا ڊيٽا گُهري آهي ان لاءِ گهرو وزارت ذريعي ڪينيا حڪومت سان رابطو ڪيو وڃي. هن چيو ته هاڻ تائين جي ڄاڻ مطابق ارشد شريف کي قتل ڪيو ويو آهي، ٽارگٽڊ قتل هو، اتان جي پوليس جيڪو مؤقف اختيار ڪيو هو اهو ثابت ناهي ٿيو، ڪينيا پوليس جي مؤقف ۾ شڪ آهي، ان قتل ۾ ٻئي ڀائر وقار ۽ خرم ڪنهن به صورت ۾ ٻاهر ناهن، سندن ڊيٽا، سرگرميون، ارشد شريف جو اتي وڃڻ ۽ رهڻ جي باري ۾ هڪ هڪ ڳالهه جو جائزو وٺڻ اڻٽر آهي. هن چيو ته ڪينيا ويل ٻه رڪني ٽيم جي محنت ۽ لگن قابل تحسين آهي، ٽيم ڪينيا ۾ هڪ هڪ شيءِ جو جائزو وٺي، پنهنجي رپورٽ ڏني آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي جوڊيشل ڪميشن ٺاهڻ لاءِ خط لکيو آهي. چيف جسٽس جنهن جي مرضي آهي ان جي سربراهيءَ ۾ جڊيشل ڪميشن قائم ڪري، ارشد شريف جي والده اسان لاءِ انتهائي قابل احترام آهي، ان جي راءِ ۽ تجويز به اهميت رکي ٿي، اسان پُراميد آهيون ته ارشد شريف جي قاتلن جي جلد سُڃاڻپ ٿي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button