پاڪستانسنڌ

صوبائي وزير شهيد اهلڪار جي وارثن وٽ پهتو، ماٿيلي ۾ ڀيٽا پيش

ميرپورماٿيلو: ميرپورماٿيلو ۾ شهيد اهلڪارن کي ڀيٽا ڏيڻ جو سلسلو پڻ جاري آهي. ان حوالي سان سول سوسائيٽي پاران گھنٽاگھر چوڪ وٽ شهيد اهلڪارن جي تصويرن مٿان گل نڇاور ڪري ميڻ بتيون ٻاري کين ڀيٽا پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي مشتاق ملڪ، امتياز سميجو، شبير ڀٽي، الهوسايو وسير، ظهير وسير ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته سنڌ پوليس سان گڏ آهيون، اسان کي شهيد اهلڪارن آفيسرن تي به فخر آهي، اسان سنڌ حڪومت کان پرزور مطالبو ڪريون ٿا ته شهيد اهلڪارن جو پلاند ڪري ڏوهاري ڪلچر جو مڪمل طور خاتمو آندو وڃي. ان موقعي تي ڊي ايس پي ميرپور ماٿيلو امتياز ڊومڪي ايس ايڇ او غلام مجتبي چيو ته شهيد زنده آهن، انهن کي الله پاڪ طرفان اعليٰ رتبو نصيب ٿيو آهي. جڏهن ته صوبائي وزير عبدالباري پتافي ڳوٺ ملهڻ پتافي پهچي شهيد اهلڪار جتوئي پتافي جي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ ايس ايس پي گھوٽڪي سان ملاقات ڪري واقعي جا تفصيل ورتا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button