اسلام آبادپاڪستان

مصطفيٰ نواز کوکر سينيٽر جو عهدو ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: پ پ اڳواڻ مصطفيٰ نواز کوکر سينيٽر جو عهدو ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته سينيٽ چيئرمين کي اڄ پنهنجي استعيفيٰ پيش ڪندس. هن چيو ته پارٽي جي سينيئر اڳواڻ سان ملاقات ٿي، هن ٻڌايو ته پارٽي قيادت منهنجي سياسي موقف مان خوش نه هئي ۽ منهنجي سينيٽ سيٽ تان استعيفيٰ چاهي ٿي، تنهن ڪري مان خوشي سان استعيفيٰ لاءِ تيار ٿي ويو آهيان. سندس چوڻ هو ته مان هڪ سياسي ڪارڪن طور عوامي مفادن جي معاملن تي راءِ جو اظهار ڪرڻ پنهنجو حق سمجهان ٿو، سنڌ مان سينيٽ جي سيٽ ڏيڻ تي پارٽي قيادت جو ٿورائتو آهيان.

واضح رهي ته مصطفيٰ نواز کوکر پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته ڇا اسان ڀارتي لوڪ سڀا جا ميمبر آهيون؟ اسان جي فونز کي مسلسل ٽيپ ڇو پيو ڪيو وڃي؟ چرپر جي نگراني ڪئي ويندي آهي، رازداري تي حملو ڇو ڪيو ويندو آهي؟ سياستدان، جج ۽ صحافي اڪثر شڪار ٿيندا آهن، اسان رياست جو ايترو ئي حصو آهيون جيترو ٻيو ڪو، اسان غدار ناهيون. ذريعن جو چوڻ آهي ته مصطفيٰ نواز کوکر کي فاروق ايڇ نائيڪ پارٽي قيادت جو پيغام پهچايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button