اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اعظم سواتي گرفتاري وارنٽ، سرچ وارنٽ جي ڪاپي ۽ کنيل سامان هٿ ڪرڻ لاءِ عدالت سان رجوع ڪري ورتو آهي. سول جج محمد شبير جي عدالت ۾ داخل ڌار ڌار درخواستن ۾ ايف آءِ اي ۽ جاچ آفيسر کي ڌر بڻائيندي موقف اختيار ڪيو ويو ته 13 آڪٽوبر تي رات 2 وڳي گهر تي ڇاپو هنيو ويو. جنهن ۾ ايف آءِ اي اهلڪار به ملوث هئا، گهرڀاتين، نياڻين ۽ گهريلو ملازمن جو سامان به هٿ ڪيو ويو، ايف آءِ اي ڪل 35 شيون پنهنجي قبضي ۾ ورتيون، ايف آءِ اي موبائل فونز، پاسپورٽ، ڊي وي ڊيز ۽ سي ڊيز به کنيون، ڇاپي دوران نياڻين ۽ ٻين گهر ڀاتين جو سامان به کنيو ويو. جنهن ۾ خاندان جي ميمبرن جا ڪمپيوٽر، يو ايس بي، موبائل ڪارڊ، موبائيل، 2 پاسپورٽ ۽ ٻيو سامان شامل آهي. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته گرفتاري وارنٽ ۽ سرچ وارنٽ جون ڪاپيون فراهم ڪيون وڃن. ايف آءِ اي اليڪٽرانڪ ڊوائيس واپس ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، اعظم سواتي جي گرفتاري وارنٽ ۽ سرچ وارنٽ جون ڪاپيون جواب سان ڳنڍيل آهن، ڊجيٽل ڊوائيس فرانزڪ لاءِ موڪليا ويا آهن ۽ رپورٽ جو انتظار آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close