پاڪستانسنڌ

ننگرپارڪر ۾ ميلو گهمڻ آيل ياترين سميت 15 ماڻهن کي ڪتن ڏاڙهي ڇڏيو

ننگرپارڪر: ننگرپارڪر ۾ ساڙڌرو مندر تي لڳندڙ ڪاتڪي پونم ميلو گھمڻ لا ايندڙ 10 ياترين ۽ شھر جي 5 ماڻهن کي ڇتن ڪتن ڏاڙھي زخمي ڪري ڇڏيو. ياترين ۾ سوائي، ريجھو، راجيش، مگھن، چيتن، نانجي، پون، لالو، ڀلجي پھلاج ۽ ٻيا شامل آهن. شهر ۾ پڻ ڪتن عورت حليمان، محمد، محمد رحيم، ڀوپٽسنگهھ ۽ پرڀو تي حملو ڪري کين زخمي ڪيو، سمورن زخمين کي سرڪاري اسپتال آندو ويو، جتي کين وئڪسين ڪئي وئي. ميلو گھمڻ لا ايندڙ ياترين سوائي، ريجھو، راجيش ۽ ٻين ٻڌايو ته ننگرپارڪر ۾ ڪتن جو وڏو آزار آھي، اسان اھڙو آزار ڪٿي نه ڏٺو، اسان ميلو گھمڻ آياسين، پر اسان جون خوشيون ڪتن کسي ورتيون، ٽائون انتظاميا خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي. ٻئي طرف تعلقي اسپتال انتظاميا ٻڌايو ته اسان ڪتن جي زخمي ڪيل 15 مريضن کي وئڪسين ڪئي آھي. اسسٽنٽ ڪمشنر راجيش ڪمار رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ٽائون ڪميٽي انتظاميا کي چوان ٿو ته ھو ڪتن خلاف آپريشن شروع ڪن. ٻئي طرف شھرين قاسم کوسو، علي محمد، مڪيش ڪمار، غلام مصطفيٰ دل ۽ ٻين چيو ته ٽائون انتظاميا بجيٽ هجڻ باوجود ڪتامار مهم هلائڻ لا تيار ناهي. عدالتي حڪم تحت ٽائون آفيسر خلاف ڪيس داخل ڪري ڪتامار مهم هلائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button