سڊني: آءِ سي ٽي-ٽوئنٽي ورلڊڪپ جي پهرين سيمي فائنل ۾ پاڪستان، نيوزيلينڊ کي شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي. پاڪستان نيوزيلينڊ طرفان ڏنل 153 رنسن جو هدف آخري اوور ۾ حاصل ڪري ورتو، بابر اعظم ۽ محمد رضوان 100 رنسن جي پارٽنرشپ ڪئي.
سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ نيوزيلينڊ جي ڪپتان ڪين وليمسن ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر 20 اوورن ۾ 152 رنسون ٺاهيون. جواب ۾ بابر اعظم 53 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، جڏهن ته محمد رضوان 57 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو، محمد حارث 30 رنسن جي ٻي شاندار اننگز کيڏي، جڏهن ته شان مسعود فاتح شارٽ کيڏيو. 15 ٽي-ٽوئنٽي ميچن کانپوءِ بابر اعظم ۽ محمد رضوان 100 رنسن جي اوپننگ اسٽينڊ فراهم ڪئي، ٻنهي اوپنرز انگلينڊ خلاف هوم سيريز جي ٻي ٽي-ٽوئنٽي ۾ سئو رنسن جي پارٽنرشپ قائم ڪئي هئي. بابراعظم ۽ رضوان وچ ۾ اها نائين سينچري جي پارٽنرشپ آهي.
نيوزيلينڊ جي اننگز جي شروعات ۾ شاهين اوپنر فن ايلن کي پهرين اوور ۾ 4 رنسن تي آئوٽ ڪري ڇڏيو، جڏهن ته پاور پلي جي پڄاڻي تي ڇهين اوور جي آخري بال تي شاداب ڊيون ڪونوي کي آئوٽ ڪيو. محمد نواز گلين فلپس کي پويلين موٽايو، جڏهن ته ڪپتان وليمسن شاهين جو شڪار ٿي ويو. نيوزيلينڊ اوپنر فن ايلن 4، ڊيون ڪونوي 21، ڪين وليمسن 46، گلين فلپس 6 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. جڏهن ته ڊيرل مچل 53 ۽ جيمز نيشم 16 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا. پاڪستان طرفان شاهين شاهه آفريدي 2 ۽ نواز هڪ وڪيٽ ورتي. جڏهن ته شاداب هڪ ڪيوي کي رن آئوٽ ڪيو. سيمي فائنل لاءِ پاڪستاني ٽيم ۾ بابر اعظم، شاداب خان، محمد رضوان، شان مسعود، افتخار احمد، محمد حارث، محمد نواز، محمد وسيم جونيئر، شاهين شاهه آفريدي، نسيم شاهه ۽ حارث رئوف شامل هئا. جڏهن ته نيوزيلينڊ جي ٽيم ۾ ڪپتان ڪين وليمسن، فن ايلن، ڊيرل مچل، گلين فلپس، ڊيون ڪونوي، ٽرينٽ بولٽ، ٽم سائوٿي، لوڪي فرگوسن، جمي نيشم، مچل سينٽنر ۽ ايش سوڌي شامل هئا. ورلڊ ڪپ ۾ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ هينئر تائين 6 ميچون کيڏيون ويون آهن، جن مان پاڪستان 4 ۽ نيوزيلينڊ 2 ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. جڏهن ته سڀاڻي ٻئي سيمي فائنل ۾ انگلينڊ ۽ ڀارت آمهون سامهون ٿيندا.