شاهپورچاڪر: ابراهيم جويو سنڌ جو ديو مالائي ڪردار آهي، جنهن کي ڪڏھن به وساري نه ٿو سگهجي. اهڙو اظهار نامياري اديب تاج جويو شاهپورچاڪر سجاڳي فورم پاران سنڌ جي مهان ڏاهي محمد ابراهيم جويو جي پنجين ورسيءَ تي پريس ڪلب ۾ ڪرايل هڪ پروگرام ۾ ڪيو. هن چيو ته ابراهيم جويو جهڙا ماڻھو تاريخ جا پير هوندا آهن، جيڪي گسن ۽ منزلن ڏي وٺي وڃن ٿا. جويو صاحب نئين سنڌ اڏي هئي. سندس ان پورهئي کي ڪڏھن به وساري نه ٿو سگهجي. هن ڪتابن ۽ ترجمن ذريعي عالمي ادب، ادب، فڪر ۽ نظرين کي پڙھندڙن تائين پهچايو. هو مطالعي جو سمنڊ هو، جنهن ۾ ٽُٻي ڏيندڙ پچي لال ٿين ٿا. ان موقعي تي علمي ادبي شخصيت محسن جويو پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ابراهيم جويو سان سندس ڪم ڪري سڄي سنڌ محبت ڪري ٿي. سندس اڻٿڪ علمي ادبي پورهيو وساري نه ٿو سگهجي. هن سنڌ جي ڪيترن ئي ادارن جو بنياد وڌو. هڪڙا ماڻھو شخصيت ۽ فڪر ۾ فرق رکندا آهن پر جويو صاحب ٻنهي پاسن کان مٿي معتبر ٿي رهيو. پروگرام کي نامياري ليکڪ معشوق ڌاريجو، يوسف جويو، جهانگير ڏاهري، عابد چنا، عطاالله انڙ، رضا ڏاهري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. پروگرام کي صدارتي خطاب فورم جي جنرل سيڪريٽري عاجز منگي ڪيو. پروگرام ۾ محمد علي پلھه، سنتوش ڪمار، جاويد انڙ، عبدالحميد ڏاهري، اعجاز علي ڏاهري، عليشير وساڻ، مٺل وساڻ، ستار رند، علينواز ڏاهري، سرور ڏاهري، حضور بخش ڏاهري، رياض ڏاهري، ميان بخش عمراڻي، اسير ڏاهري، نواز بالادي، شاهد سومرو، احمد رضا شر، نواز بروهي، آصف ميمڻ، مالڪ ڏاهري، گلزار ملاح، شاهنواز عمراڻي ،سليم ڪليار، فرحان ڏاهري، بابر ڏاهري، سڄڻ ميمڻ، رحمت شر ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close