پاڪستانرانديون

نيوزيلينڊ ٻاهر، پاڪستاني ٽيم ٽيون ڀيرو ٽي-20 ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ پهچي وئي

ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ سڀني کي حيران ڪندڙ پاڪستاني ٽيم ٽي-20 ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل مرحلي ۾ ڪيويز کي 7 وڪيٽن تان آئوٽ ڪلاس ڪري ٽيون ڀيرو فائنل لا ڪواليفا ڪري ورتو، بالرن جي شاندار ڪارڪردگي بعد بابر اعظم ۽ محمد رضوان مهل تي فارم ۾ موٽي آيا، ٻنهي شاندار ففٽين ۽ سينچري پارٽنرشپ ذريعي 153 رنسن جي حدف کي آسان بڻائي ڇڏيو، هاڻي ورلڊڪپ فائنل ۾ پاڪستان جو مقابلو اڄوڪي سيمي فائنل جي فاتح ٽيم انگلينڊ يا ڀارت مان ڪنهن هڪ سان ٿيندو. تفصيل موجب سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ ٽي-20 ورلڊ ڪپ جي پهرئين سيمي فائنل ۾ پاڪستان پنهنجي مخالف نيوزيلينڊ ٽيم کي بالنگ، بئٽنگ ۽ فيلڊنگ ٽنهي شعبن ۾ آئوٽ ڪلاس ڪيو، اهڙي طرح 13 سالن بعد ٽي-20 ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ پهچڻ جو اعزاز پڻ حاصل ڪري ورتو. نيوزيلينڊ جي ڪپتان ڪين وليمسن ٽاس کٽڻ بعد پهرين بئٽنگ جو فيصلو ڪيو ته پاڪستاني بالرن پنهنجي شاندار بالنگ ذريعي ڪيويز کي 20 اوورن ۾ 152 رنسن کان اڳتي وڌڻ نه ڏنو. اننگز جي شروعات ۾ شاهين شاهه آفريدي مخالف اوپنر فن ايلن کي پهرئين اوور ۾ 4 رنسن تي پويلين ڀيڙو ڪيو، پاور پلي جا 6 اوور پورا ٿيڻ کان هڪ بال اڳ ۾ شاداب خان ڊيون ڪونوي کي رن آئوٽ ڪري ڪيويز تي ويتر دٻا وڌائي ڇڏيو، گلين فلپس کي محمد نواز پويلين جو رستو ڏيکاريو، جنهن بعد ڊيرل مچل 53 ۽ ڪپتان ڪين وليمسن 46 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. پاڪستان طرفان شاهين شاهه آفريدي 4 اوورن ۾ 22 رنسون ڏئي 2 وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته محمد نواز جي حصي ۾ هڪ وڪيٽ آئي. 153 رنسن جي ٽارگيٽ تائين پهچڻ لا بابر ۽ رضوان جي ففٽين ۽ 101 رنسن جي اوپننگ ڀائيواري جي نتيجي ۾ پاڪستان صرف 3 وڪيٽون وڃائي 19 هين اوور ۾ منزل ماڻي ورتي. سڄي ٽورنامينٽ ۾ ناڪام رهندڙ بابر اعظم نيٺ اهم ترين مئچ ۾ ففٽي هڻي ٽيم جي ڪاميابي جو بنياد رکيو، هن 42 بالن تي 7 چوڪن جي مدد سان 53 رنسون ٺاهيون، وڪيٽ ڪيپر بئٽر محمد رضوان کي 57 رنسون ٺاهڻ تي مين آف دي مئچ قرار ڏنو ويو، جڏهن ته نوجوان بئٽر محمد حارث 30 رنسن جي ڪارائتي اننگز ذريعي ڪاميابي ۾ هڪ دفعو ٻيهر اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ شان مسعود 3 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. واضح رهي ته پاڪستان ان کان اڳ سال 2007ع ۽ 2009ع ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ جا فائنل کيڏيو، جن مان 2007ع ۾ ڀارتي ٽيم پاڪستان کي شڪست ڏني، جڏهن ته 2009ع ۾ قومي ٽيم يونس خان جي قيادت ۾ سريلنڪا کي فائنل ۾ شڪست ڏئي عالمي چئمپين بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button