اسلام آبادپاڪستان

صدر طرفان جسٽس اطهر من الله کي سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد: صدر ڊاڪٽر عارف علوي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ جج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڊاڪٽر عارف علوي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس حسن اظهر رضوي کي سپريم ڪورٽ جو جج طور مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد وحيد کي به سپريم ڪورٽ جي جج طور، جڏهن ته جسٽس عامر فاروق کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس طور مقرري ڏني وئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي مقررين جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 175 تحت ڏني آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button