اسلام آباد :اليڪشن ڪميشن اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن روڪڻ جي درخواست شنوائي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي. ليگي ايم اين اي علي گوهر بلوچ اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. درخواست ۾ توشا خانا ڪيس ۾ نااهلي جي بنياد تي نوٽيفڪيشن روڪڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن نوٽيفڪيشن روڪڻ جي درخواست تي ايندڙ هفتي شنوائي ڪندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close