اسلام آباد : سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ پي ٽي آئي چيئرمين عمران خان جي لانگ مارچ جي خلاف هڪ ٻي درخواست داخل ڪئي وئي آهي. جمعيت علماءِ اسلام جي سينيٽر ڪامران مرتصيٰ پاران سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ وفاق، چئني صوبن، عمران خان ۽ تحريڪ انصاف کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخوست ۾ اپيل ڪئي وئي ته وفاق ۽ صوبن کي حڪم ڏنو وڃي ته لانگ مارچ ۾ عوام جا بنيادي حق متاثر نه ٿين. لانگ مارچ وارن جو جلسو اسلام آباد جي آبادي کان ٻاهر ٿئي. سينيٽر ڪامران مرتصيٰ پاران درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي ته وفاق ۽ صوبا ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته پي ٽي آئي جو ڌرڻو يا ريلي اڻڄاتل مدي تائين نه هجي. پي ٽي آئي کي احتجاج بابت قانونن ۽ پيرا ميٽرز تي عمل جو حڪم ڏنو وڃي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته پي ٽي آئي 25 مئي تي سپريم ڪورٽ کي ڏياريل خاطري جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، 2014 ۾ تحريڪ انصاف ريڊ زون ۾ ڌرڻو ڏئي يرغمال بڻايو هو. سينيٽر ڪامران مرتصيٰ جي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته 2014 جي ڌرڻي ۾ پي ٽي آئي، ٽي پي وي، پارليامينٽ ۽ سيڪريٽريٽ تي حملو ڪيو هو. درخواست ۾ سينيٽر ڪامران مرتصيٰ موقف اختيار ڪيو ته تحريڪ انصاف هڪ دفعو ٻيهر لانگ مارچ اسلام اباد آڻي رهي آهي. عمران خان هن لانگ مارچ جي ذريعي ادارن سان ٽڪراءُ چاهي ٿو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close