اسلام آباد:پي ٽي آئي جي مرڪزي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته جيستائين راڻا ثناءُالله ويٺو آهي، تيستائين انصاف نٿو ٿي سگهي. هڪ بيان ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته عمران خان تي حملي جي داخل ٿيندڙ ايف آئي آر قابل قبول نه آهي. حملي جي خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج ٿي رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان تي حملي جي ايف آئي آر متاثرن جي مرضي مطابق ٿيڻ گهرجي. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چيو ته اسان جو سڄو ڌيان ايف ائي آر تي آهي، پٽيشنر جي ڳالهه ٻڌڻ بنا ڪيس داخل ڪيو ويو. شاهه محمود قريشي چيو ته اليڪشن جي تاريخ وٺي ئي واپس اينداسين، پوري قوم هاڻي تيار ويٺي آهي. لانگ مارچ اڄ خميس کان وزيرآباد مان شروع ٿيندو، آزادي مارچ هر صورت پنهنجي منزل ماڻي وٺندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close