مٺي: مٺي ويجهو ڳوٺ هوٿيئر ۾ معمولي ڳالهه تان جوابدار معصوم نينگر کي بيدرديءَ سان تشدد ڪري زخمي ڪري ڇڏيو. 10 سالن جي نينگر انيل ولد گروئو ميگھواڙ تي جوابدار ڀيرو ميگھواڙ تشدد ڪيو، وارث زخمي نينگر کي کڻائي مٺي ٿاڻي تي پهتا، پوليس زخمي نينگر کي علاج لاءِ ليٽر ڏئي اسپتال روانو ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي نينگر جي والد گروئو ميگھواڙ صحافين کي ٻڌايو ته منهنجي پٽ تي ڀيرو ميگھواڙ بيدرديءَ سان تشدد ڪيو آهي، منهنجو پٽ جوابدار جي گهر جي احاطي ۾ بيٺل ٻير جي وڻ مان ٻير پٽن ويو هو، جنهن تا ڀيرو ميگھواڙ مڇرجي منهنجي گهر اندر گهڙي چونئري ۾ بند ڪري پٽ مٿان وحشياڻو تشدد ڪيو، پوليس رڳو پٽ جي علاج لا ليٽر ڏنو آهي، اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي معاملي کي دٻائڻ لاءِ ڳوٺ جا چڱا مڙس سرگرم ٿي ويا. معصوم ٻار تي تشدد باوجود اڃا تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close