پنجاب جي صوبائي حڪومت تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان تي قاتلاڻي حملي جي جاچ لاءِ ايڊيشنل آ جي هائيويز پيٽرول رياض نذير جي سربراهي ۾ گڏيل جاچ ٽيم (جي آ ٽي) جوڙي ڇڏي آهي، ٻين ميمبرن ۾ لاڳاپيل ايجنسين جا نمائندا شامل هوندا. پنجاب ڪابينا جي امن امان بابت ڪميٽي جو سول سيڪريٽريٽ ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان تي حملي جي جاچ لاءِ جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ڪميٽي چيئرمين راجا بشارت وڊيو لنڪ ذريعي راولپندي مان صدارت ڪئي، جڏهن ته گهرو صلاحڪار عمر سرفراز چيما، چيف سيڪريٽري عبدالله سنبل ۽ ٻين آفيسرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. جاري ڪيل تفصيل مطابق جي آءِ ٽي جي سربراهي آءِ جي هائيويز پيٽرول رياض نذير گاڙا ڪندو، جڏهن ته ٻين ميمبرن ۾ لاڳاپيل ايجنسين جا نمائندا شامل هوندا. ڪابينا ڪميٽي لانگ مارچ ۾ عمران خان کي مخصوص سيڪيورٽي ڏيڻ جو فيصلو پڻ ڪيو. ان موقعي تي راجا بشارت چيو ته عمران خان جي ڪنٽينر تي بلٽ پروف روسٽرم ۽ شيشو لازمي لڳايو ويندو، جڏهن ته سنائپرز ۽ ٻين سيڪيورٽي انتظامن ۾ ڪوتاهي نه ٿيڻ گهرجي، پوليس ۽ ضلعي انتظاميا تحريڪ انصاف جي مقامي قيادت سان رابطو رکن، اجلاس ۾ موٽر ويز کي جلد کولڻ ۽ ججن کي رستو ڏيڻ لاءِ تحريڪ انصاف اڳواڻن سان ڳالهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close