اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم تڪراري آهي ته پو ڇا عدليا حڪومت هلائيندي؟ سپريم ڪورٽ

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾ نيب ترميمن خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي درخواست تي ڪيس جي شنوائي دوران جسٽس منصور علي شاهه ريمارڪس ڏنا ته ڇا بنيادي حقن جي تحفظ ۾ اختيارن جي ورڇ جو ليڪو عدليا پار ڪري سگهي ٿي؟ عمران خان چئي ٿو ته ڪڍيل شقون ٻيهر بحال ڪيون وڃن، اها صورتحال ماضي کان مختلف ۽ منفرد آهي. سپريم ڪورٽ ۾ نيب ترميمن خلاف درخواست تي شنوائي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني خاص بئنچ ڪئي. عمران خان جي وڪيل خواجا حارث چيو ته غير قانوني آمدني تي نيب جو اختيار به ترميمن ۾ ختم ڪيو ويو آهي. ايمنسٽي اسڪيم رڳو ڪارو ناڻو اڇو ڪرڻ لاءِ هوندي آهي، نيب ترميمن کان اڳ نيب کي ايمنسٽي اسڪيم ۾ غير قانوني آمدني تي ڪارروائي جو اختيار هو. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ڪير چئي حڪومت شڪي آهي، وزيراعظم تڪراري آهي ته ڇا عدليا حڪومت هلائيندي؟ وزيراعظم کي ملڪ هلائڻ نه اچي ته ڇا عدليا ملڪ هلائيندي؟ ان شئي کي ڪٿي ته روڪڻو پوندو، ڇا بنيادي حقن جي تحفظ ۾ اختيارن جي ورڇ جو ليڪو عدليا پار ڪري سگهي ٿي؟ وڪيل خواجا حارث چيو ته آرمي چيف جي مقرري جي معاملي تي عدالت قانون سازي جو حڪم ڏنو، بنيادي حقن جو تحفظ عدليا جي ذميواري آهي. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته غير قانوني آمدني لاءِ احتساب جا ٻيا قانون به موجود آهن، سسٽم بريڪ ٿي وڃي ته سخت قانون به اثرائتو ناهي رهندو. سڀ ڪجهه عدليا کي ڪرڻو آهي ته اهو ايگزيڪيوٽو اختيار اورانگهڻ نه هوندو؟ ڇا ايگزيڪيوٽو جي ناڪامي تي عدليا سپر رول ادا ڪري سگهي ٿي؟ ڪيس جي وڌيڪ شنوائي 14 نومبر تي ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button