اسلام آباد :اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري جي نااهلي جون درخواستون رد ڪرڻ جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله نااهلي جون درخواستون رد ڪرڻ جو تفصيلي فيصلو جاري ڪيو، جنهن ۾ هن لکيو ته جج طور چونڊيل نمائندن تي بالادستي جي دعويٰ ناهي، صادق ۽ امين جو اعليٰ پيمانو چونڊيل نمائندن کانسواءِ ڪنهن آفيس هولڊر لاءِ موجود ناهي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اهو پيمانو انهن اڻ چونڊيل ماڻهن لاءِ به ناهي، جن جي حڪومت ۾ هن ملڪ جي اڌ عمر گذري. 62 ون ايف تحت نااهلي جا گهرا اثر هوندا آهن، پارليامينٽ نمائندن جي خود احتسابي جو پنهنجو مڪينزم ٺاهي سگهي ٿي.فيصلي موجب فواد چوڌري ۽ آصف زرداري ڪنهن ڪورٽ آف لا مان سزا يافتا ناهن، ٻنهي عوامي نمائندن جي نااهلي تڪراري حقن تي گهري وئي، تڪراري حق مقرر ڪرڻ لاءِ جاچ جي ضرورت هوندي آهي. جاچ دوران ٻنهي نمائندن جا سياسي مخالف فائدو کڻندا، جاچ کانپوءِ ٻئي اهل به قرار ٿيا ته انهن کي ٿيندڙ نقصان جو ازالو ناهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تفصيلي فيصلي ۾ لکيو ته عدالتن طرفان اهڙي جاچ ۾ پوڻ سان عوام جو چونڊيل نمائندن تي اعتبار گهٽ هوندو آهي، عدالتن جي اهڙن معاملن ۾ پوڻ سان عام فريادين جو وقت به ضايع ٿيندو آهي. فيصلي موجب خواجا آصف کي هن ئي عدالت نااهل قرار ڏنو هو، 7 مهينن کانپوءِ سپريم ڪورٽ سندس اپيل منظور ڪري ورتي. ان دوران خواجا آصف جي تڪ جو عوام نمائندگي کان محروم رهيو، يقينن ان دوران خواجا آصف سياسي نقصان ۽ بدنامي کي منهن ڏنو. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته نااهلي جو فيصلو ڏيڻ ۾ ڪنهن به غلطي سان ازالي نه ٿيڻ جوڳو نقصان ٿي سگهي ٿو. عوام کي ئي اختيار هجڻ گهرجي، اهي فيصلو ڪن ته انهن جي نمائندگي ڪير ڪري. اڪيلو عوام ئي طئي ڪري سگهي ٿو ته ڪير صادق ۽ امين آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close