شاھپورجھانيان: ٻارڙن جي بيمارين جي ماھر آمريڪي ڊاڪٽرياڻي پروفيسر ائيڊن شاھپورجھانيان جي ڳوٺ مقيم ڏاھري ۾ عالم الحاج مفتي محمد ادريس ڏاهري جي ميزبان ھيٺ سماجي تنظيم جي سھڪار سان لڳايل ھڪ ڏينھن واري مفت طبي ڪيمپ تي صحافين جي وفد سان خاص ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ڪجهھ عرصي کان سنڌ ۾ طبي خدمتن لا آيل آھيان، سنڌ جي مختلف شھرن ۽ علائقن ۾ ڪيمپن تي طبي خدمتون پيش ڪري رھي آھيان، ڳوٺ ۾ اچي تمام گھڻي خوشي ٿي آھي، شھرن جي ڀيٽ ۾ ٻھراڙيءَ جو ماحول ۽ آبھوا من موهيندڙ آهي، سنڌ ۾ مھمان کي احترام وچان ٻانھون ٻڌي کيڪارڻ جو انداز پسند ھجڻ سبب مان پاڻ به ايئن کيڪاريان ٿي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جا ماڻهو محبتي ۽ مھمان نواز آھن، سندن ڏنل پيار، عزت، خلوص ۽ احترام قابل تعريف ھجڻ سان گڏ يادگار آھن، ڪيمپ تي عورتن کي پھريل سنڌي پوشاڪ ڏسي محسوس ٿئي ٿو ته سنڌ جي تھذيب تمام خوبصورت آهي، سنڌ جي رسمن رواجن کي به سٺو سمجھي گھڻو متاثر ٿي آھيان. ھن ٻارڙن جي والدين لاءِ پيغام ڏيندي چيو ته ٻارڙا مستقبل جو معمار ھجن ٿا، انهن جي صحت جو خيال رکيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close