ڪراچي: ڪراچي جي علائقي بلديه ٽائون ۾ مڙس ڪارنهن جي الزام هيٺ زال ۽ پنهنجي ماروٽ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. تفصيل مطابق ايس ايڇ او موچڪو چوڌري شاهد ٻڌايو ته ٻٽي قتل جو هي واقعو ڪارنهن جي الزام هيٺ بلديه ٽائون جي رئيس ڳوٺ ۾ پيش آيو. جنهن ۾ جوابدار علي خان پنهنجي زال 32 ورهين جي مومل ۽ 28 ورهين جي نوجوان رستم کي گهر اندر گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي. هن ٻڌايو ته مقتول رستم جوابدار جو ماروٽ آهي، جيڪو حب چوڪي جو رهواسي ٻڌايو وڃي ٿو. مقتولا 5 ٻارڙن جي ماءُ هئي جنهن ۾ 3 پٽ ۽ ٻه نياڻيون شامل آهن، پوليس موجب واقعي واري هنڌ تان 30 بور پسٽل جا 3 خول مليا آهن، جوابدار سبزي وڪرو ڪندڙ آهي، جنهن کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close