فريدآباد/ميهڙ: فريدآباد ۾ ٻوڏ جي پاڻي جي نڪال لا هنيل ڪٽ بند نه ٿيا، هڪ وڌيڪ ڳوٺاڻو ڪٽ جي پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو، ڪٽ بند نه ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو. خبر موجب ڳوٺ فيض محمد ڪولاچي جو رهواسي نوجوان محمد اسلم پٽ ابراهيم چنو ميهڙ مان راشن وٺڻ لا ويندي روڊ جي ڪٽ مان گذرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پاڻي وڏو هجڻ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويو. جنهن جو لاش هڪ ڪلاڪ جي سخت ڳولا کانپو هٿ ڪيو ويو، جيڪو گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.
هوڏانهن فريدآباد-ميھڙ روڊ جا ڪٽ بند نه ٿيڻ خلاف فريدآباد ۾ سياسي، سماجي، علمي، ادبي اڳواڻن، واپارين ۽ دڪاندارن علي گوھر چنا، فھد علي بروھي، سڪندر علي بروھي، ڪي ڪي خاصخيلي، سڪندر علي شاھه، صابر علي چنا، علي رضا ڪولاچي جي اڳواڻي ۾ نيشنل پريس ڪلب آڏو حتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي مظاھرين چيو ته سڄي سنڌ جا روڊ رستا بحال ٿي ويا آهن پر افسوس جو فريدآباد روڊ جو ھڪ ڪٽ بند ٿي ناھي سگھيو، غريب مسڪين ڪرايو نه ھجڻ جي ڪري محمد اسلم چنو کنڊ مان ڪراس ڪري رھيو ھيو ته ٻوڏ جو پاڻي وڏو ھجڻ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويو آهي، ھنن مطالبو ڪيو ته فريدآباد جا روڊ رستا بحال ڪرايا وڃن. ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. ياد رھي ته ھڪ ھفتي اندر سھراب سولنگي پٽ مير محمد سولنگي ۽ محمد اسلم چنو ڪٽ ۾ بيٺل ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي چڪا آهن.